Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:23 - Common Language New Testament

23 پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اوندھہ ۾ غرق ھوندو. سو جيڪا روشني اوھان ۾ آھي سا جيڪڏھن اوندھہ ھجي تہ اھا ڪيڏي نہ وڏي اونداھي ٿي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي بدن اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:23
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا مون کي اھو حق نہ آھي جو پنھنجي پيسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ آءٌ سخي آھيان تنھن ڪري تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘


”اکيون بدن لاءِ ڏيئو آھن. سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو.


زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بيوقوفي.


اوھان جون اکيون اوھان جي بدن لاءِ ڏيئو آھن، سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اونداھيءَ ۾ غرق ھوندو.


تنھن تي ھن چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آھي تہ اھي نھاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“


ھو پاڻ کي سياڻو تہ سڏائين پيا، پر حقيقت ۾ بي⁠عقل ھئا.


پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن لاءِ بي⁠وقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.


اھي عقل جا انڌا آھن ۽ خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڪونہ اٿن، ڇاڪاڻ⁠تہ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري انھن ۾ جاھليت اچي ويئي آھي.


ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن.


پر جيڪو پنھنجي ھم⁠ايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندھہ ۾ آھي ۽ اوندھہ ۾ گھمي ٿو. کيس خبر نہ آھي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوندھہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ