Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:10 - Common Language New Testament

10 سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 مبارڪ آهن اُهي جن کي سچائيءَ جي ڪري ستائين ٿا، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن جي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آڪاش جي راڄ جون آسيسون ماڻين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آسمان جي بادشاهيءَ جون برڪتون ماڻين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5:10
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن اُھي اوھان کي ڪنھن شھر ۾ ستائين تہ اوھين ھڪدم ٻئي شھر ڏانھن ھليا وڃجو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين سڄي اسرائيل جي شھرن ۾ پنھنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابن⁠آدم اچي پھچندو.


عيسيٰ چيو تہ ”ٻارن کي ڇڏيو تہ مون وٽ اچن، انھن کي نہ جھليو ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.“


پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي.


”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.


جڏھن عيسيٰ اھو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انھن کي نہ جھليو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.


تہ ان کي ھن دنيا ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سوء⁠ڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر اھي ڏکن سان ملنديون ۽ آخرت ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي.


پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادت⁠خانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.


۽ جيئن منھنجي پيءُ مون لاءِ بادشاھت مقرر ڪئي آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان لاءِ بادشاھت مقرر ٿو ڪريان.


عيسيٰ پنھنجي شاگردن ڏانھن نھاري چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين، جي غريب آھيو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اوھان جي آھي.


سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.


مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.


انھن رسولن کي اندر گھرائي چھبڪ ھڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪيائون تہ ھو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين. پوءِ انھن کي ڇڏي ڏنائون.


انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


جيڪا مصيبت اسين سھون ٿا اھا ھلڪي ۽ ٿوري دير جي لاءِ آھي. اھا اسان جي لاءِ اھڙو دائمي جلوو پيدا ٿي ڪري جيڪو حد کان وڌيڪ ڳؤرو آھي.


پنھنجن مخالفن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ نہ ڊڄو. اھا ڳالھہ ھنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آھي، پر اوھان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي ۽ اھو خدا جي طرفان آھي.


جيڪڏھن اسين ڏک سھندا رھون، تہ ھن سان گڏ بادشاھي بہ ڪنداسين. جيڪڏھن اسين ھن کي پنھنجو نہ سمجھنداسين، تہ ھو بہ اسان کي پنھنجو نہ سمجھندو.


تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو.


سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.


اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر ڪرڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوھان ايوب جي صبر جو حال تہ ٻڌو آھي ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند ھن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انھيءَ مان ظاھر آھي تہ خداوند نھايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آھي.


اوھين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جو ھو ۽ پنھنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. ھن پنھنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ قابيل جا ڪم بڇڙا ھئا پر سندس ڀاءُ جا ڪم نيڪ ھئا.


جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ