متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:6 - Common Language New Testament6 چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ھيٺ اڇلاءِ ڇاڪاڻتہ لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجن ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا، تہ جيئن تنھنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 جي تون خدا جو فرزند آهين تہ پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏيندو، ۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، تہ متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي لڳي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible6 چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible6 چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |