Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:4 - Common Language New Testament

4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي، پر ھر انھيءَ لفظ تي جيڪو خدا چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ لکيل آهي تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نہ جيئندو پر جيڪي بہ لفظ خدا جي واتان نڪرندا تن ڪري جيئندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو روٽيءَ تي جيوت نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا ايشور چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رهي، پر هر انهيءَ ڳالهہ تي جيڪا خدا چوي ٿو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 4:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“


تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو بہ لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“


عيسيٰ چيو تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاھر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري،


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”ھي لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“


عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي.‘“


تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’تون رڳو خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


پر اھو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوھان ڏانھن موڪليندس، يعني سچ جو پاڪ روح، جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو سو مون بابت شاھدي ڏيندو.


زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ.


ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ ڳالھيون اڳي لکيون ويون آھن سي اسان جي سيکارڻ لاءِ لکيون ويون آھن، تہ جيئن صبر ۽ تسلي، جيڪا اسان کي پاڪ لکت جي وسيلي ملي آھي تنھن مان اميد حاصل ٿئي.


ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ