Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:17 - Common Language New Testament

17 پوءِ آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 3:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، ھي منھنجو ٻانھو آھي، جنھن کي مون چونڊيو آھي. ھي منھنجو پيارو آھي، ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان. آءٌ ھن تي پنھنجو روح نازل ڪندس، ۽ ھي غير قومن ۾ منھنجي انصاف جو اعلان ڪندو.


اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“


تڏھن آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آھيان.“


ايتري ۾ ھڪڙي ڪڪر اچي ھنن جي مٿان ڇانوَ ڪئي ۽ انھيءَ ڪڪر مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو ھڪڙو ئي پيارو فرزند آھي. سو ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“


۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“


ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھيءُ منھنجو چونڊيل فرزند آھي، سو اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“


انھيءَ جو سبب ھي آھي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اھي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي ھو پاڻ ڪري ٿو. ھو انھن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو ۽ اوھين سڀيئي حيران ٿي ويندا.


بلڪ پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن پاڻ بہ مون بابت شاھدي ڏني آھي. اوھان نہ تہ ڪڏھن ھن جو آواز ٻڌو آھي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ،


انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلوي سان ڀريل انھيءَ فضل جي ساراھہ ٿئي، جيڪو ھن پنھنجي پياري يعني مسيح جي وسيلي اسان کي مفت بخشي ڏنو.


ھن اسان کي اونداھيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنھنجي پياري فرزند جي بادشاھت ۾ آندو،


ھائو، جڏھن عيسيٰ کي خدا پيءُ عزت ۽ عظمت بخشي، تڏھن انھيءَ خداءِ⁠ذوالجلال وٽان اتي ھي آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان.“


اسين ماڻھن جي شاھدي قبول ڪريون ٿا. پر خدا جي شاھدي تہ انھيءَ کان وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا خدا جي شاھدي آھي، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.


مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ ۽ گجگوڙ جي آواز جھڙو ھو. اھو آواز تنبورن وارن جو ھو، جن ڄڻ تہ تنبورا پئي وڄايا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ