Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 28:9 - Common Language New Testament

9 اوچتو ئي عيسيٰ انھن کي مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏھن اھي وٽس آيون ۽ پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ ڏسو، يسوع کين گڏيو، ۽ چيائين تہ سلام، ۽ هنن اچي پيرن تي ڪِري کيس سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 تہ اوچتو ئي يسوع انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”نمسڪار.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري هن آڏو سيس نوايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تہ اوچتو ئي عيسيٰ انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 28:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي جيڪي⁠بہ ٻيڙيءَ ۾ ھئا تن اچي کيس سجدو ڪري چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آھين.“


ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.


عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منھنجي ڀائرن کي چئو تہ ھو گليل ڏانھن ھلن، اُتي ھو مون کي ڏسندا.“


جڏھن انھن کيس ڏٺو تہ ھن کي سجدو ڪرڻ لڳا، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ ھو.


سو اھي ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان جلدي قبر مان نڪتيون ۽ عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڀڄنديون ويون.


جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آھي ۽ ھن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آھي.“


انھن ھن جي عبادت ڪئي ۽ خوشيءَ سان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانھن موٽي ويا


۽ عيسيٰ جي پيرن وٽ پٺيان بيھي پنھنجن ڳوڙھن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين ۽ پنھنجن وارن سان انھن کي اُگھيائين ۽ سندس پير چمي انھن تي عطر مکيائين.


پوءِ مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرھي مُرَ مان تيار ڪيل ھو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيائين. انھيءَ عطر جي سرھاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.


انھيءَ ساڳئي آچر جي ڏينھن شام جو جڏھن شاگرد يھودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“


تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل خوش ھجو. سڌرندا رھو. منھنجي نصيحت ٻڌو. ايڪي سان رھو. امن ۾ رھو. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو پيار ۽ امن وارو آھي سو اوھان سان ھوندو.


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آھن ڪونہ بلڪ اھي شيطان جو ٽولو آھن. انھن کي آءٌ اوھان جي حوالي ڪندس. ھو اچي اوھان جي پيرن تي ڪرندا، پوءِ کين خبر پوندي تہ آءٌ اوھان سان پيار ڪريان ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ