Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:1 - Common Language New Testament

1 صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ پاڻ ۾ مليا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جا منصوبا جوڙڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀني سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن يسوع کي ماري وجهڻ لاءِ سندس برخلاف صلاح مشورت ڪئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 27:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


سردار ڪاھن صبح جو سوير ئي بزرگن، شريعت جي عالمن ۽ سڄي ڪائونسل سان اچي مليا ۽ پنھنجا منصوبا سٽڻ لڳا. اُھي عيسيٰ کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي پلاطس جي حوالي ڪيائونس.


ان مھل ڪي ماڻھو آيا جن عيسيٰ کي انھن گليلين بابت ٻڌايو، جن جو رت گورنر پلاطس سندن قرباني ڪيل جانورن جي رت سان ملائي ڇڏيو ھو.


جڏھن ڏينھن ٿيو تہ يھودين جا بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي انھن جي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو.


ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.


انھيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. وڏي سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿين يھودين جي سڀني بزرگن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انھن جيل ڏانھن چوائي موڪليو تہ رسولن کي حاضر ڪيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ