Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:40 - Common Language New Testament

40 پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو سمھيا پيا آھن. تنھن تي ھن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوھين ھڪڙو ڪلاڪ بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 ۽ هو شاگردن وٽ آيو، ۽ انهن کي سمهيل ڏسي پطرس کي چوڻ لڳو تہ هي ڇا، اوهين هڪڙي گهڙي بہ مون سان سجاڳ رهي نہ سگهيا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پوءِ هو ٽنهي چيلن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 پوءِ هو ٽنهي شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:40
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گھوٽ کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي تنھنڪري ڇوڪرين کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ اھي سمھي پيون.


پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني شاگردن بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.


ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رھو.“


جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“


پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن.


پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ شاگرد سمھيا پيا آھن. پطرس کي سڏي چيائين تہ ”شمعون، تون بہ ستل آھين ڇا؟ ڇا تون ھڪ ڪلاڪ بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“


جڏھن ھو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانھن موٽي آيو تڏھن ڏٺائين تہ ھو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آھن.


ان وقت پطرس ۽ سندس سنگتي اگھور ننڊ ۾ ھئا ۽ جڏھن جاڳيا، تڏھن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻھو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ