Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:24 - Common Language New Testament

24 ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:24
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي،


ھن دنيا کي حيف آھي، جنھن جون شيون ماڻھن کي گمراھہ ٿيون ڪن. گمراھي تہ ضرور ٿيندي پر مصيبت آھي اُن ماڻھوءَ لاءِ جنھن جي وسيلي گمراھي ٿئي ٿي.


جيڪي مون کي مليو تنھن کي سڀ کان اھم سمجھي اوھان تائين پھچايم، تہ پاڪ لکتن موجب مسيح اسان جي گناھن جي واسطي مئو.


جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.


ابن⁠آدم لاءِ جيئن لکيل آھي تيئن ئي ھو ھن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آھي انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان ھو پڪڙائجي ٿو.“


ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. اُن ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“


پر انھيءَ صورت ۾ پاڪ لکت ڪيئن پوري ٿيندي جا لکيل آھي تہ ھيئن ضرور ٿيندو؟“


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابن⁠آدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟


پر اھو سڀ ڪجھہ انھيءَ لاءِ ٿيو آھي تہ جيئن نبي جيڪو صحيفي ۾ لکي ويا آھن، سو سچو ثابت ٿئي.“ پوءِ سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنھنجي ھٿان ۽ تنھنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل ھو سو پورو ٿئي.


خدا جي اڳي ئي ڪيل فيصلي ۽ علم موجب عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪيو ويو، تہ جيئن اوھان ھن کي گنھگار ماڻھن جي ھٿان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻائي مارايو.


پوءِ جڏھن عيسيٰ ڄاتو تہ ھاڻي ھر ڳالھہ پوري ٿي چڪي آھي، تڏھن پاڪ لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آھي.“


تنھنڪري سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکا ٿا وجھون تہ اھو ڪنھن جو ٿو ٿئي.‘ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”انھن منھنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائي کنيا ۽ منھنجي جبي لاءِ پُکا وڌائون.“ تنھنڪري سپاھين ائين ڪيو.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ