Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:18 - Common Language New Testament

18 عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”شھر ۾ فلاڻي ماڻھوءَ وٽ وڃو ۽ منھنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. ھو پنھنجن شاگردن سميت عيد فصح اوھان جي گھر ۾ ملھائيندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هن چيو تہ شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو، ۽ چئوس تہ اُستاد ٿو چوي، تہ منهنجو وقت ويجهو آهي؛ آئون پنهنجن شاگردن سوڌو تنهنجي گهر ۾ فسح جي عيد ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 يسوع هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’گرو چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي چيلن سميت فصح جو تهوار اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي شاگردن سميت عيد فصح اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوھان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’سائينءَ کي انھن جي ضرورت آھي.‘ پوءِ ھو ھڪدم اوھان کي اھي ڪاھڻ ڏيندو.“


نہ وري اوھان کي اڳواڻ سڏائڻ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ھڪڙو ئي اڳواڻ آھي يعني مسيح.


اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.


شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.


”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“


ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اي سائين! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.


عيسيٰ اڃا ڳالھائي رھيو ھو تہ اوڏيءَ مھل يائرس جي گھران ماڻھو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي، ھاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏي.“


آءٌ اوھان سان روزانو ھيڪل ۾ گڏ ھوندو ھوس، پر اوھان اتي تہ مون تي ھٿ بہ نہ کنيو. پر ھاڻي اوھان جو وقت آھي ڇوتہ ھي اونداھيءَ جو راڄ آھي.“


ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”اھا گھڙي اچي پھتي آھي، جڏھن ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيندو.


ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾


انھن ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري چيو تہ ”اي بابا! اھا گھڙي آئي آھي. ھاڻي تون پنھنجي فرزند جو جلوو ظاھر ڪر تہ فرزند تنھنجو جلوو ظاھر ڪري.


عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنھن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منھنجا استاد!“


تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.


تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي، پر اوھان جو وقت تہ سدائين آھي.


اوھين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ ھن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ