Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:4 - Common Language New Testament

4 ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هائو، هو ڳريون ڀريون ٿا ٻَڌن، جي کڻڻ مشڪل آهن، ۽ اُهي ماڻهن جي ڪلهن تي کنيو رکن؛ پر پاڻ انهن کي آڱر سان بہ ڪين ٿا چورين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 23:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انھيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالھيون آھن يعني انصاف، رحم ۽ ايمانداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.


تنھنڪري اوھان کي انھن جو ھر ھڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اھي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.


تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آھي اوھان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمو! جو اوھين ماڻھن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لايو.


تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟


پاڪ روح ۽ اسان ضروري سمجھيو تہ ھنن خاص حڪمن کان سواءِ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون.


ڇالاءِ⁠جو طھر ڪرائڻ وارا پاڻ بہ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن. پر ھو اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ انھيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن تہ جيئن اوھان جي انھيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اھي فخر ڪري سگھن.


خدا سان پيار ڪرڻ، معنيٰ اسان جو سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ آھي ۽ ھن جا حڪم ڏکيا نہ آھن.


پر اوھان ٿواتيرہ جا باقي ماڻھو، جيڪي انھيءَ تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ انھن ڳالھين کان اڻ⁠ڄاڻ آھيو جن کي شيطان جون اونھيون ڳالھيون ٿا چون، آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ