Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:5 - Common Language New Testament

5 پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنھنجن ڪمن سان ھليا ويا، ڪو پنھنجي ٻنيءَ تي ھليو ويو، ڪو پنھنجي واپار تي ھليو ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي منهن هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن، ڪو پنهنجي واپار تي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22:5
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.


تنھن تي ھن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آھي، تن کي چون تہ ’ھاڻي ماني تيار آھي، منھنجا ڍڳا ۽ متارا وھڙا ذبح ٿي چڪا آھن ۽ ھر شيءِ تيار آھي، سو دعوت کائڻ لاءِ ھليا اچو.‘


ڪن وري سندس نوڪرن کي پڪڙي، انھن کي مار ڏني ۽ قتل ڪري ڇڏيائون.


ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“


پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“


جڏھن پولس ھنن کي سچائي، پرھيزگاري ۽ ايندڙ قيامت بابت سمجھايو پئي، تڏھن فِيلِڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، سو پولس کي چيائين تہ ”ھاڻي تون ھليو وڃ ۽ وري جڏھن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“


يا تون خدا جي ڀلائي، بردباري ۽ صبر جي نعمتن کي گھٽ ٿو سمجھين. ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبھہ ڏانھن ڇڪي رھي آھي.


جيڪڏھن ڪنھن جي نيت انساني فطرت جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو موت آھي. پر جي ڪنھن جي نيت پاڪ روح جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو زندگي ۽ سلامتي آھي.


اھي دغاباز، اُٻھرا، وڏائي⁠خور ۽ خدا جي بدران عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا ھوندا.


تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.


اھي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالھيون ٺاھي اوھان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي انھن تي جنھن سزا جو حڪم ٿي چڪو ھو، تنھن جي اچڻ ۾ دير ڪانھي ۽ سندن بربادي ويجھي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ