Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:41 - Common Language New Testament

41 انھن وراڻيو تہ ”ھو ضرور انھن بڇڙن ماڻھن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين کي ٺيڪي تي ڏيندو، جيڪي کيس سندس ڀاڱو ميوي لھڻ وقت ڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 هنن چيس، تہ هو انهن بڇڙن سان ڏاڍيون جُٺيون ڪري کين چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيندو، جي هر ڪنهن مند تي کيس ميوو ڏيندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:41
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن ميوي لھڻ جو وقت ٿيو تہ ھن پنھنجا نوڪر باغائين ڏانھن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.


عيسيٰ پڇيو تہ ”ھاڻي جڏھن باغ جو مالڪ ايندو تڏھن ھو انھن باغائين کي ڇا ڪندو؟“


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاھت اوھان کان کسي ويندي ۽ انھيءَ قوم کي ڏني ويندي جيڪا پورو پورو ميوو اُپائيندي.


ھن جي ھٿ ۾ پنھنجو ڇڄ آھي ۽ ھو پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. ھو پنھنجي ڪڻڪ پنھنجن ڀانڊن ۾ انبار ڪندو پر بُھہ کي اھڙي باھہ ۾ ساڙيندو جيڪا ڪڏھن بہ نہ ٿي وسامي.“


ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“ جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“


گھڻي بحث کان پوءِ پطرس اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”ڀائرؤ! اوھان کي خبر آھي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوھان مان چونڊيو ھو تہ غير قومون منھنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻڌي ايمان آڻين.


جڏھن ھو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گاريون ڏيڻ لڳا تہ ھن پنھنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين تباھہ ٿيا تہ پنھنجا ذميوار اوھين پاڻ آھيو، منھنجو ڪوبہ واسطو نہ آھي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانھن ويندس.“


پولس آخر ۾ چيو تہ ”اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو پيغام غير قومن ڏانھن موڪليو ٿو وڃي ۽ اھي ٻڌندا.“


پبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل ھو. پولس ھن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا ڪيائين. پوءِ پنھنجا ھٿ مٿانئس رکيائين ۽ کيس شفا بخشيائين.


اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.


خبردار، انھيءَ ڳالھائڻ واري جو انڪار نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن زمين تي ھدايت ڪرڻ واري جو انڪار ڪيو تہ اھي بچي نہ سگھيا، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي سگھنداسين، جيڪڏھن انھيءَ کان منھن موڙينداسين جيڪو آسمان مان ھدايت ٿو ڪري؟


تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ