Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:16 - Common Language New Testament

16 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ چوڻ لڳس، تہ هي جيڪي چون ٿا سو ڪي ٻڌين ٿو؟ ۽ يسوع چين تہ هائو، اوهان ڪڏهن ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ”معصومن ۽ کير پياڪن جي واتان تنهنجي ڪامل تعريف ٿي ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهنڪري انهن يسوع کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي مهما ڪرائي آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري انهن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 21:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.


تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان اھو ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟


تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ خالق انھن کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو؟


مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪو خدا اوھان کي فرمايو آھي، سو اوھان ڪين پڙھيو آھي ڇا؟


انھن ڏينھن ۾ جيڪي پيٽ سان ھونديون، يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.


عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھان اھو نہ پڙھيو آھي تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو ھو، تڏھن دائود ڇا ڪيو ھو؟


افسوس آھي انھن عورتن تي جيڪي انھن ڏينھن ۾ پيٽ سان ھونديون يا ٻار ٿڻن تي ھوندن، ڇالاءِ⁠جو ھن ملڪ تي وڏي آفت ايندي ۽ ھن قوم تي غضب نازل ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ