Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:34 - Common Language New Testament

34 عيسيٰ کي انھن تي رحم اچي ويو، سو سندن اکين تي ھٿ لاتائين تہ اھي ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اھي بہ سندس پٺيان ھلڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ يسوع کي رحم آيو ۽ هنن جي اکين کي هٿ لاتائين: تہ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳا، ۽ اُٿي سندس پٺيان هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 يسوع کي انهن تي ديا اچي ويئي، سو سندن اکين تي هٿ لاتائين تہ اهي هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اهي بہ سندس پٺيان هلڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 عيسيٰ کي انهن تي رحم اچي ويو، سو سندن اکين تي هٿ لاتائين تہ اهي هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اهي بہ سندس پٺيان هلڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:34
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ ھن ھڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انھن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.


عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇو⁠تہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“


انھن وراڻيو تہ ”سائين! اسان جي اکين کي کوليو.“


جڏھن اھي يروشلم جي ويجھو ٿيا تہ زيتون جي ٽڪر تي بيت⁠فگاہ ڳوٺ ۾ آيا. اتان عيسيٰ ٻن شاگردن کي اڳواٽ موڪليو.


عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ سندس بخار ويندو رھيو. ھوءَ اٿي ويٺي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي.


عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“


ھن جڏھن ميڙ ڏٺا تہ سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ائين ڏکويل ۽ بي⁠سھارا ھئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ ھجن.


عيسيٰ اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنھنجون آڱريون ھن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنھنجي زبان جي لٻ ڪڍي ھن جي زبان کي لاتائين.


ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳو. جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ سڀيئي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ ھن انھيءَ جي ڪن کي ھٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.


جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ ھو ھر طرح پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر ٿئي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ ھو اھڙو وڏو سردار ڪاھن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار ھجي ۽ ماڻھن جي گناھن جو ڪفارو ادا ڪري.


مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ