Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:16 - Common Language New Testament

16 ساڳيءَ طرح جيڪي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 انهي طرح پويان پهريان ٿيندا، ۽ پهريان پويان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 20:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڪيترائي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“


ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ھنن ٻنھي مان ڪنھن پنھنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اوھان کان اڳي اھي ڪسبياڻيون ۽ محصول اڳاڙيندڙ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.


مسيح آخر ۾ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو دعوتي تہ گھڻا ھوندا آھن پر چونڊيل ٿورا ھوندا آھن.“


”اوھين سوڙھي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانھن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آھي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آھن.


پر ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“


ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جن کي دعوت جو سڏ ڏنو ويو ھو انھن مان ڪوبہ شخص منھنجي ماني ڪين چکندو.‘“


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“


انھيءَ ڪري آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ ھن جا گناھہ، جيڪي گھڻا ھئا بخشيا ويا آھن، تنھنڪري ھن گھڻو پيار ڪيو آھي. پر جنھن جا گناھہ ٿورا ھئا جيڪي بخشيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“


شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو،


سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.


تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي.


انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ