Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:4 - Common Language New Testament

4 ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ سڀني سردار ڪاهنن ۽ فقيهن کي گڏ ڪري کانئن پڇڻ لڳو تہ مسيح ڪٿي پيدا ٿيڻو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:4
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي ھن چين تہ ”جيڪوبہ شريعت جو عالم آسمان واري بادشاھت جو شاگرد ٿئي ٿو تہ اھو اُن گھر جي مالڪ وانگر آھي جيڪو پنھنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


ھيروديس بادشاھہ جڏھن ھي ٻڌو تہ ھو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا.


انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيت⁠لحم ۾، ڇالاءِ⁠جو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ


جڏھن سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن اھي عجب جھڙا ڪم ڏٺا جيڪي ھن پئي ڪيا ۽ ٻارن کي ”دائود جو پٽ مبارڪ، مبارڪ “چوندي ٻڌائون تہ اُھي اچي ڪاوڙيا.


عيسيٰ ھيڪل ۾ موٽي آيو ۽ جيئن تعليم پئي ڏنائين تہ سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“


ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.


اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو.


صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ پاڻ ۾ مليا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جا منصوبا جوڙڻ لڳا.


ڇالاءِ⁠جو ھن شريعت جي عالمن وانگر نہ ٿي سيکاريو، پر ائين پئي سيکاريائين جيئن ڪو اختياريءَ وارو سيکاري.


عيسيٰ شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي. بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪندا ۽ ماريندا. پوءِ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي.


سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم جيڪي اتي بيٺا ھئا، سي عيسيٰ تي سختيءَ سان تھمتون ھڻڻ لڳا.


سو يھوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاھين جي پلٽڻ ۽ ڪجھہ ھيڪل جا پھريدار جيڪي سردار ڪاھنن ۽ فريسين موڪليا ھئا، سي وٺي انھيءَ باغ ۾ آيو. انھن وٽ ھٿيار ھئا ۽ کين ھٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان ھئا.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آھين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آھي؟


فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سس⁠پس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين.


شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھڪڙي عورت کي آندو جنھن کي زنا ڪندي پڪڙيو ھئائون، تنھن کي وچ ۾ بيھاري


گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين جي پارٽيءَ مان ھئا، سي اٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين ھن شخص ۾ ڪوبہ ڏوھہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏھن ڪنھن روح يا ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو ھوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“


ٻئي ڏينھن صبح جو يھودين جا اڳواڻ، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا.


اھڙيءَ طرح ھنن خلق کي، بزرگن ۽ شريعت جي عالمن سميت وٺي ڀڙڪايو. اھي استيفنس تي چڙھائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ