Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:22 - Common Language New Testament

22 جڏھن ھن کي خبر پيئي تہ ارڪيلائوس پنھنجي پيءُ ھيروديس جي گاديءَ تي يھوديہ جو بادشاھہ ٿيو آھي تہ ھو اوڏانھن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. پر ھن کي خواب ۾ وڌيڪ ھدايتون مليون ۽ ھو گليل جي علائقي ۾ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر جڏهن ٻڌائين تہ ارڪيلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي جاءِ تي يهوديہ ۾ بادشاهي ٿو ڪري، تڏهن اوڏانهن وڃڻ کان ڊنو، ۽ خواب ۾ جا هدايت ٿيس، تنهن موجب هو گليل جي پرڳڻي ۾ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پتا هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ صوبي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ علائقي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي.


يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ عيسيٰ يھوديہ جي بيت⁠لحم شھر ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ڪي نجومي اڀرندي کان يروشلم ۾ آيا،


ھيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو،


تنھن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.


پوءِ عيسيٰ گليل کان اردن درياءَ تي يحيٰ وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي.


عيسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ جڏھن خداوند جي شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏھن گليل علائقي ۾ پنھنجي اباڻي شھر ناصرت ڏانھن موٽيا.


انھن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آھين ڇا؟ پاڪ لکتون پڙھہ تہ تو کي خبر پوي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻو نہ آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ