Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:7 - Common Language New Testament

7 ھن دنيا کي حيف آھي، جنھن جون شيون ماڻھن کي گمراھہ ٿيون ڪن. گمراھي تہ ضرور ٿيندي پر مصيبت آھي اُن ماڻھوءَ لاءِ جنھن جي وسيلي گمراھي ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 گمراهيءَ ڪري دنيا تي افسوس آهي! ڇالاءِ جو گمراهي تہ ضرور ٿيندي: پر افسوس اُنهي ماڻهو تي جو گمراهہ ٿو ڪري!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 حيف آهي هن سنسار تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿيون. ماڻهو ڀَٽڪي تہ ضرور ويندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو ڀَٽڪي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 حيف آهي هن دنيا تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي گمراهہ ٿيون ڪن. ماڻهو گمراهہ تہ ضرور ٿيندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو گمراهہ ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:7
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. منھنجي راھہ ۾ تون رڪاوٽ آھين، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر ٿو سوچين.“


ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“


جڏھن اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌو تڏھن نہ گھٻرائجو. اھي ڳالھيون ٿينديون ضرور پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي.


عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”گناھہ ڏانھن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آھن، پر مصيبت آھي انھيءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان اھڙا سبب پيدا ٿين ٿا.


جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.


”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو.


اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.


جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽيل آھن، سي سڀيئي پنھنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي.


سمجھُو ۽ پاڪدامن ھجن، گھر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ، مھربان ۽ پنھنجن مڙسن جون تابعدار ھجن تہ جيئن خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.


اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي.


ڇالاءِ⁠جو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوت⁠پرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ