Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:3 - Common Language New Testament

3 چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اوھين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان واري بادشاھت ۾ ڪڏھن بہ داخل ٿي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نہ ٿيندا، تيسين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آڪاش جي راڄ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان جي بادشاهيءَ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18:3
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي، اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن، ۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن. انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن، پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہ⁠تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘


تنھن تي عيسيٰ ھڪ ٻار کي سڏي انھن جي سامھون بيھاري


آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو اُھو آھي جيڪو پاڻ کي ھن ٻار وانگر نماڻو ۽ نھٺو ٿو ڪري،


عيسيٰ چيو تہ ”ٻارن کي ڇڏيو تہ مون وٽ اچن، انھن کي نہ جھليو ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.“


پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻڌايو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ شاھوڪار ماڻھو آسمان واري بادشاھت ۾ ڏاڍي مشڪلات سان داخل ٿيندو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين آسمان ۽ زمين باقي آھن تيستائين شريعت جو ھڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀني ڳالھين جي پڄاڻي ٿئي.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اوھان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوھين ڪنھن بہ طرح آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“


”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.


تنھنڪري جڏھن اوھين ڪنھن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت⁠خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آھن. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا آھن تہ جيئن ماڻھو انھن جي ساراھہ ڪن. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.


”جڏھن اوھين دعا گھرو تڏھن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اھي عبادت⁠خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيھي دعا گھرندا آھن تہ جيئن ھر ھڪ انھن کي ڏسي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو.


تہ جيئن: ’اھي نھاريندي نھاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انھن جون دليون خدا جي طرف ڦري پون ۽ ھو کين بخشي ڇڏي.‘“


”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل⁠وجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.


پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“


پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“


تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“


تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“


ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل تي تالو لڳايو ويو آھي، ۽ اھي ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھن. انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن، تہ متان اھي پنھنجن اکين سان ڏسن، متان اھي پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، متان اھي پنھنجي عقل سان سمجھن ۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“


تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ بالغ ٿيو.


جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ