Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:25 - Common Language New Testament

25 تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”ھائو.“ جڏھن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ ھن جي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي؟ دنيا جي بادشاھن کي محصول ۽ ڍلون ڪير ڏيندا آھن؟ ڇا ملڪ جا رھاڪو ڏيندا آھن يا ڌاريا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ هن چيو تہ هائو. ۽ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن يسوع پهريائين ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ شمعون تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ تہ زمين جا بادشاهہ محصول ڪنهن کان ٿا وصول ڪن؟ پنهنجن پٽن کان يا ڌارين کان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي يسوع پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا راجا ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا بادشاهہ ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:25
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“


مون کي ھڪڙو سڪو ڏيکاريو جنھن سان محصول ڏيندا آھيو.“ اھي وٽس ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا.


پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟“


تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في⁠الحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي.


تنھن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌاريا.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رھاڪو محصول ڏيڻ کان آجا آھن.


ھاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ