Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:20 - Common Language New Testament

20-21 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين اھو ڀوت انھيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوھان ۾ ايترو ايمان ڪونہ ھو. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين ھن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’ھتان ھلي ھُتي وڃ‘ تہ ھو ويندو. اوھان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ⁠ٿيڻي نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20-21 يسوع وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو وشواس ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ‌ٿيڻي نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20-21 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو ايمان ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ‌ٿيڻي نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو کڻي ماڻھو پنھنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.


تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانھن وڃڻ لڳو.


تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“


پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ نويڪلائيءَ ۾ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسون؟“


جيئن ھو جبل تان ھيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ انھن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ اھو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابن⁠آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوھين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون ھن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏھن اوھين ھن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرُ،‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.


تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ايترا ڊنل ڇو آھيو؟ ڇا اوھان جو ايمان ايترو ئي آھي؟“ ھو اٿيو ۽ ھوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”خدا تي ايمان آڻيو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن ڪنھن جي دل ۾ شڪ نہ آھي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏھن ھو ھن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪر‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.


اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو پوکڻ وقت سڀني کان ننڍو آھي،


عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اوھان جي لفظن ’جيڪڏھن ڪجھہ ڪري سگھو ٿا‘ جو مطلب ڇا آھي؟ جيڪوبہ ايمان آڻي ٿو تنھن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“


ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاھر ھجي.“


خداوند چين تہ ”جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين توت جي وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اھو بہ اوھان جي مڃيندو.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالھيون ماڻھن کان ٿي نہ ٿيون سگھن، سي خدا کان ٿي سگھن ٿيون.“


عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو ھو تہ جيڪڏھن تون ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلوو ڏسندينءَ؟“


ڪنھن کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي ايمان ٿو ملي ۽ ڪنھن کي انھيءَ ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي شفا ڏيڻ جون نعمتون ملن ٿيون.


جيڪڏھن مون کي نبين وانگر، ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي، ۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان، ۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيترو ڪامل ايمان بہ ھجي، پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.


اھڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا تہ اھي ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل ٿي نہ سگھيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ