Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:2 - Common Language New Testament

2 جيئن ئي ھنن عيسيٰ ڏانھن نھاريو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ ھن جو منھن سج وانگر چمڪڻ لڳو. سندس پوشاڪ نوراني ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي ويو. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ ھڪڙي مٿاھين جبل تي وٺي ويو.


پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.


ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي.


سندس پوشاڪ اھڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو جيڪر دنيا جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اھڙو سفيد ڪري نہ سگھي.


جيئن ئي ھو دعا گھري رھيو ھو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي.


ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.


اي بابا! منھنجي مرضي آھي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن سي جتي آءٌ آھيان اتي مون سان گڏ ھجن، تہ جيئن اھي اھو جلوو ڏسن جو تو مون کي ڏنو آھي، ڇالاءِ⁠جو تو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ بہ مون سان پيار ڪيو.


ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.


پوءِ مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي آسمان مان لھندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ڍڪيل ھو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ ھئي. ھن جو منھن سج جھڙو ھو ۽ سندس ٽنگون باھہ جي ٿنڀن جھڙيون ھيون.


پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ