Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:12 - Common Language New Testament

12 پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو ۽ ماڻھن ھن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم سان بہ اُھي ائين ئي سلوڪ ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ انهن کيس نہ سڃاتو؛ پر جيڪي وڻين سو هن سان ڪيائون. ساڳيو انهي طرح ابن آدم بہ اُنهن جي هٿان سختيون سهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو جڏهن تہ ماڻهن هن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهن جي هٿان تڪليفون سهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 17:12
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ ھن پنھنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانھن موڪليا.


انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“


ھن وراڻيو تہ ”برابر، الياس پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو.


پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو ساڻن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالھائي رھيو ھو.


جڏھن سڀيئي شاگرد گليل ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.


جيئن ھو جبل تان ھيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ انھن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ اھو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابن⁠آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“


ڇالاءِ⁠جو يحيٰ تہ اوھان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو ھو ۽ اوھان ھن کي قبول نہ ڪيو. پر محصول اڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين ھن کي قبول ڪيو. اوھان جيتوڻيڪ کيس ڏٺو پر نہ اوھان توبھہ ڪئي ۽ نہ مٿس ايمان آندو.“


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


ڇاڪاڻ⁠تہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ مئي پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ھن کي ڀوت آھي.‘


ھو پنھنجن وٽ آيو، مگر پنھنجن کيس قبول نہ ڪيو.


خدا جي اڳي ئي ڪيل فيصلي ۽ علم موجب عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪيو ويو، تہ جيئن اوھان ھن کي گنھگار ماڻھن جي ھٿان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻائي مارايو.


پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.


اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ