Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:13 - Common Language New Testament

13 جڏھن عيسيٰ قيصريہ فلپيءَ جي علائقي ۾ آيو تہ پنھنجن شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو ابن⁠آدم بابت ڇا ٿا چون تہ ھو ڪير آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هاڻي جڏهن يسوع قيصريہ فلپي جي علائقي ۾ آيو، تڏهن پنهنجن شاگردن کان پڇيائين، تہ ماڻهو ڇا ٿا چون تہ ابن آدم ڪير آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن يسوع قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي چيلن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منش‌پتر بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن عيسيٰ قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو ابنِ آدم بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“


ڇالاءِ⁠جو جيئن يونس ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو ھو، تيئن ابن⁠آدم بہ زمين جي پيٽ ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون رھندو.


تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنھن سٺو ٻج پوکيو اھو ابن⁠آدم آھي،


ابن⁠آدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا.


پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شھرن جي علائقي ڏانھن ويو.


انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“


ڇالاءِ⁠جو ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي.“


جيڪڏھن ڪو ھن بي⁠ايمان ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو تہ ابن⁠آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“


پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“


تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“


جيئن موسيٰ رڻ⁠پٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابن⁠آدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،


۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ⁠جو ھو ابن⁠ آدم آھي.


اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھيءَ سان ھو.


ھن چيو تہ ”اِجھو، مون کي آسمان کليل نظر ٿو اچي ۽ ابن⁠آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ