Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:1 - Common Language New Testament

1 عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ فريسي ۽ صدوقي آيا، ۽ آزمودي وٺڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:1
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.


تنھن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ


پوءِ عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ٿجو.“


ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ پڇيائون تہ ”ڇا ڪنھن ماڻھوءَ جو پنھنجي زال کي ڪنھن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“


فريسين وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالھائڻ ۾ ڦاسايون.“


عيسيٰ انھن جي بڇڙي نيت کي ڄاڻي ورتو، تنھنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارو! اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟


انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا، سي عيسيٰ وٽ آيا


”شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آھي.


تياريءَ جي ڏينھن کان پوءِ ٻئي ڏينھن تي سردار ڪاھن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا


ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اوھان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوھين ڪنھن بہ طرح آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“


فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“


ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“


عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ پوءِ چيائين تہ ”ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچو تہ آءٌ اُن کي ڏسان.“


پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا سي عيسيٰ وٽ آيا،


تنھن کان پوءِ شريعت جو ھڪڙو عالم اٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“


ٻين وري ھن کي آزمائڻ لاءِ چيو تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪو خدائي معجزو ڏيکار.“


عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ


پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ قيامت آھي ئي ڪانہ، سي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون


انھن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تھمت ھڻن. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.


پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻھن سان ڳالھايو ئي بيٺي تہ ڪاھن، ھيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي انھن تي چڙھي آيا.


پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا


يھودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آھن ۽ يونان وارا ڏاھپ جا ڳولائو ھوندا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ