Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:32 - Common Language New Testament

32 عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇو⁠تہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پوءِ يسوع پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ مون کي خلق تي رحم ٿو اچي، ڇالاءِ جو هو مون سان ٽي ڏينهن ساندهہ رهيا آهن، ۽ کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن: ۽ منهنجي مرضي نہ آهي تہ کين بکيو روانو ڪريان تہ متان رستي ۾ ماندا ٿي پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جيئن يونس ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو ھو، تيئن ابن⁠آدم بہ زمين جي پيٽ ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون رھندو.


جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا.


تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“


عيسيٰ کي انھن تي رحم اچي ويو، سو سندن اکين تي ھٿ لاتائين تہ اھي ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اھي بہ سندس پٺيان ھلڻ لڳا.


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آھي تہ ھو ٺڳ جڏھن اڃا جيئرو ھو تہ چوندو ھو تہ ’آءٌ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


ھن جڏھن ميڙ ڏٺا تہ سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ائين ڏکويل ۽ بي⁠سھارا ھئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ ھجن.


ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آھي، ڇوتہ ڪيترا ئي دفعا کيس باھہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. ھاڻي اسان تي ڪو رحم ڪريو ۽ اسان جي مدد ڪريو جيڪڏھن اوھين ڪري سگھو ٿا.“


جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


جڏھن صبح ٿيڻ وارو ھو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين تہ ”اوھين چوڏھن ڏينھن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رھيا آھيو ۽ ايترو وقت اوھان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آھي.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ