Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:13 - Common Language New Testament

13 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منھنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آھي سو ضرور پٽيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جيڪو سلو نہ هنيو آهي، سو پَٽجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آڪاش واري پتا نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن شاگردن اچي چيس تہ ”اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جي ھن ڳالھہ جي ڪري فريسين کي سخت مٺيان لڳي آھي؟“


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ ڊاک جي سچي ول آھيان ۽ منھنجو پيءُ باغائي آھي.


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنھن کي ھو ڪڍي ڇڏي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنھن کي ھو ڇانگي ٿو تہ جيئن اھا وڌيڪ ميوو ڏئي.


جيڪو مون ۾ نہ رھندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو، جيڪو سڪي ويندو. پوءِ اھڙيون ٽاريون ميڙي گڏ ڪري باھہ ۾ وڌيون وينديون ۽ اھي سڙي وينديون.


ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.


ھي بدڪار ماڻھو اوھان جي محبت ڀرين مجلسن لاءِ نقصانڪار آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپ⁠ڊاءَ جي رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوھان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِھي بي⁠آب ڪڪر آھن، جن کي ھوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِھي سرءُ جا وڻ آھن جيڪي پوريءَ طرح مئل آھن، يعني بي⁠ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ