Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:11 - Common Language New Testament

11 تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي اپوِتر نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي اپوِتر ڪري ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي پليت ڪري ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:11
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو


تڏھن شاگردن اچي چيس تہ ”اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جي ھن ڳالھہ جي ڪري فريسين کي سخت مٺيان لڳي آھي؟“


ڪابہ شيءِ ٻاھران ماڻھوءَ ۾ گھڙي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻھوءَ جي اندر مان ٻاھر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“


آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آھي تہ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا خود ناپاڪ آھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ فلاڻي شيءِ ناپاڪ آھي، تہ پوءِ اھا انھيءَ جي لاءِ ناپاڪ آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.


کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جنھن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻھو گمراھہ ٿئي ٿو تہ اھا شيءِ انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ خراب آھي.


اھڙا ماڻھو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ ڪن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين. پر خدا اھي کاڌا انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آھن تہ جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انھن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


پاڪ ماڻھن لاءِ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آھن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناھي. حقيقت ۾ انھن جو عقل توڙي ضمير ٻئي پليت آھن.


جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.


ڇالاءِ⁠جو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوت⁠پرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ