Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:9 - Common Language New Testament

9 اھو ٻڌي بادشاھہ کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر جيئن تہ ھن مھمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو ھو، تنھنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ جيئن انھيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تنهن تي بادشاهہ کي ڏک ٿيو، پر پنهنجن قسمن جي ڪري ۽ مهمانن جي سانگي، حڪم ڪيائين تہ اُها آڻي ڏيوس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي وچن ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڪنيا جي مرضي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:9
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ڏينھن ۾ گليل جي حاڪم ھيروديس جڏھن عيسيٰ جي ھاڪ ٻڌي،


سو ماڻھو موڪلي جيل ۾ يحيٰ جي سسي لھرايائين.


سو ھيروديس يحيٰ کي مارائڻ پئي چاھيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇالاءِ⁠جو ھنن يحيٰ کي نبي ٿي سمجھيو.


تنھن تي ھن ائين ئي چيو جيئن ماڻس سيکاريو ھوس تہ ”مون کي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ ھتي گھرائي ڏيو.“


گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“


ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.


ھن ڳالھہ ھيروديس بادشاھہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر ھو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن مھمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وڃو ۽ انھيءَ لومڙ کي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينھن پنھنجو ڪم رسائي پورو ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ