Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:6 - Common Language New Testament

6 جڏھن ھيروديس جي جنم جو ڏينھن آيو تڏھن ھيرودياس جي ڌيءَ ماڻھن جي وچ ۾ بيھي ناچ ڪيو. ھيروديس ايترو تہ خوش ٿيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ وچ ۾ بيهي ناچ ڪري هيروديس کي خوش ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھيروديس پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين.


جو ھن قسم کڻي ساڻس واعدو ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“


۽ چيائونس تہ ”استاد! موسيٰ چيو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ري⁠اولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اھا رن⁠زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.


گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“


ھيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين. ھن اھو ڪم ھيرودياس جي چوڻ تي ڪيو ھو، جنھن سان ھن شادي ڪئي ھئي، جيتوڻيڪ اھا سندس ڀاءُ فلپس جي زال ھئي.


تنھنڪري ھيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي ھئي ۽ يحيٰ کي مارائڻ گھري پيئي. پر ھوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي،


عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، خبردار ٿجو، متان فريسين ۽ ھيروديس جي خميري ۾ ڦاسجي پئو.“


ايتري ۾ فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ھتان نڪري ھليو وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس بادشاھہ تنھنجي مارائڻ جي ڪڍ آھي.“


تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي⁠عزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون.


جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ھيروديس جي حد جو آھي، تڏھن عيسيٰ کي گليل جي بادشاھہ ھيروديس ڏانھن موڪليائين جو پڻ انھن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھو.


تبريس قيصر جي حڪومت جو پندرھون سال ھو. انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جو گورنر پنطيس پلاطس ھو ۽ گليل جو حاڪم ھيروديس ھو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جو حاڪم ھيروديس جو ڀاءُ فلپس ھو. ابلينيءَ جو حاڪم لسانياس ھو،


پر ھيروديس کي جھڻڪيائين، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس سان پرڻيو ھو ۽ ٻيا بہ برا ڪم ڪيا ھئائين.


يوعانا، جيڪا ھيروديس جي صلاحڪار خوزا جي زال ھئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون ھيون جن پنھنجي مال⁠متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارھن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.


انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس ڪليسيا جي ڪن ماڻھن کي ستائڻ شروع ڪيو.


سچ⁠پچ تہ ھن شھر ۾ تنھنجو پاڪ ٻانھو عيسيٰ جنھن کي تو مسيح مقرر ڪيو، تنھن جي خلاف گليل جو حاڪم ھيروديس ۽ پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻھن سميت اچي گڏ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ