Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:2 - Common Language New Testament

2 تڏھن پنھنجن نوڪرن کي چيائين تہ ”ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آھي. جيئن تہ ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي، تنھنڪري ھو اھي معجزا ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي؛ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ تنهنڪري هن جي هٿان هي معجزا ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 تڏهن پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ ”هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو ئي آهي. جيئن تہ هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، تنهنڪري هو اهي چمتڪار ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ ”هي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آهي. جيئن تہ هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، تنهنڪري هو اهي معجزا ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 14:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، تن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ آسمان واري بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.


انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ يا ٻين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“


انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻ⁠پٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ


گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“


انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ اوھين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“


ھاڻي جڏھن سڄو احوال گليل جي حاڪم ھيروديس جي ڪن تي پيو تہ ھو ڏاڍو اچي پريشان ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ڪن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آھي.“


ڪيترائي ماڻھو وٽس ايندا ھئا. ھو چوندا ھئا تہ ”يحيٰ تہ ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو، پر جيڪي ڳالھيون ھن ماڻھوءَ بابت چيائين سي سڀ پوريون ٿيون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ