Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:44 - Common Language New Testament

44 ”آسمان واري بادشاھت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آھي. جڏھن ڪو ماڻھو اھو لھي ٿو تہ ھو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو. پر ھو ايترو تہ خوش ٿو ٿئي جو پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اُھا ٻني خريد ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 آسمان جي بادشاهت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ لڌو، ۽ لڪائي رکيائين؛ ۽ خوشيءَ وچان وڃي جيڪي وٽس هو، سو وڪڻي اُها ٻني خريد ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

44 ”آڪاش جو راڄ انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 ”آسمان جي بادشاهي انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:44
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت اھڙي ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن پنھنجي ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو.


جڏھن ھو ڪو تمام عمدو موتي لھي ٿو تہ پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اھو موتي خريد ڪري ٿو.“


”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي ڄار مثل بہ آھي، جيڪو ھڪ ڍنڍ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ۽ جنھن ۾ ھر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي.


عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو ۽ پوءِ اچي منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


تنھن تي پطرس چيو تہ ”ڏسو، اسين سڀ ڪجھہ ڇڏي اوھان جي پٺيان لڳا آھيون، اسان کي ڇا ملندو؟“


جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوء⁠ڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


ڇالاءِ⁠جو جتي اوھان جو خزانو ھوندو تہ اوھان جي دل بہ اتي ئي ھوندي.“


سو اھڙيءَ طرح اوھان مان جنھن وٽ جو ڪجھہ آھي سو جيستائين اھو سڀ ڪجھہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي.


ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ ڳالھيون اڳي لکيون ويون آھن سي اسان جي سيکارڻ لاءِ لکيون ويون آھن، تہ جيئن صبر ۽ تسلي، جيڪا اسان کي پاڪ لکت جي وسيلي ملي آھي تنھن مان اميد حاصل ٿئي.


ھن ۾ ئي ڏاھپ ۽ علم جا سڀ خزانا لڪل آھن.


مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو.


جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باھہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ پاڪ صاف پوشاڪ بہ وٺو تہ پنھنجي اوگھڙ ڍڪي سگھو ۽ شرمسار نہ ٿيو. پنھنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ