Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:24 - Common Language New Testament

24 عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت اھڙي ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن پنھنجي ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 وري کين ٻيو مثال ڏيئي چيائين، تہ آسمان جي بادشاهت اُنهي ماڻهوءَ وانگر آهي، جنهن پنهنجي ٻنيءَ ۾ چڱو ٻج پوکيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 يسوع ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 عيسيٰ ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:24
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.


پر ھڪڙيءَ رات جڏھن سڀ ماڻھو ستا پيا ھئا تہ ھن جو ھڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي ھليو ويو.


عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو کڻي ماڻھو پنھنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.


عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت خميري مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“


تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنھن سٺو ٻج پوکيو اھو ابن⁠آدم آھي،


”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي ڄار مثل بہ آھي، جيڪو ھڪ ڍنڍ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ۽ جنھن ۾ ھر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي.


ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ھڪ بادشاھہ وانگر آھي، جنھن پنھنجن نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو.


”آسمان واري بادشاھت ڪنھن گھر جي مالڪ مثل آھي، جيڪو صبح جو سوير انھيءَ لاءِ ٻاھر نڪتو تہ پنھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزور بيھاري.


عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ ھڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو.


ھن چيو تہ ”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي اھڙي بادشاھہ مثل آھي، جنھن پنھنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي.


”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون.


”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“


عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


عيسيٰ پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڇا جي مثل آھي؟ ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟


عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟


اوھان جي انھيءَ ايمان ۽ محبت جو مدار انھيءَ اميد تي آھي، جيڪا خدا اوھان لاءِ آسمان ۾ پوري ڪندو ۽ جنھن جو ذڪر اوھان اڳي ئي خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻڌو آھي.


ڇالاءِ⁠جو اوھان فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج مان نئين سر پيدا ٿيا آھيو، يعني خدا جي انھيءَ ڪلام جي وسيلي جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ