Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:22 - Common Language New Testament

22 ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ جيڪو ڪنڊين ۾ پوکيو ويو هو سو اُهو آهي، جو ڪلام ٻڌي ٿو پر دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گهُٽيو ڇڏي، ۽ اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش تہ ٻڌن ٿا پر هن سنسار جي چنتا ۽ دولت جو فريب سنديش کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام تہ ٻڌن ٿا پر هن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب پيغام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:22
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“


دشمن جنھن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آھي. لابارو آھي آخرت جو ڏينھن ۽ لاباري وارا آھن ملائڪ.


تنھنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙيا ويندا آھن تيئن آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو.


ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون.


پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِ⁠جو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


عيسيٰ ان جو نتيجو ھيئن ڪڍيو تہ ”اھو ماڻھو اھڙو آھي جيڪو ڌن دولت پنھنجي لاءِ تہ ميڙي ٿو، پر خدا جي آڏو شاھوڪار نہ آھي.“


”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابن⁠آدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.


جيڪي ڪانڊيرن ۾ ڪريا سي ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن، جي ٻڌن تہ ٿا پر ھلندي ھلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.


شمعون جڏھن ڏٺو تہ رسولن جي ھٿن رکڻ سان پاڪ روح ٿو ملي، تڏھن يوحنا ۽ پطرس کي پيسا آڇيائين


ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.


ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟


تنھن ھوندي بہ ڪامل ايمان وارن ماڻھن منجھہ اسين ڏاھپ جون ڳالھيون ٿا ڪريون، پر نہ ھن زماني جي ڏاھپ جون ۽ نڪي ھن زماني جي حاڪمن جي ڏاھپ جون، جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.


انھيءَ ڏاھپ کي ھن زماني جي حاڪمن نہ سمجھيو. جيڪڏھن اھي سمجھن ھا تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏھن بہ صليب تي ڪين چاڙھين ھا.


ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بي⁠وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي.


اھي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇالاءِ⁠تہ جنھن کي ھن زماني جا ماڻھو خدا ڪري مڃين ٿا ان خدا، يعني شيطان انھن جي عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نہ ٿو چاھي تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آھي، تنھن جي جلال جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني انھن تي پوي.


مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.


انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.


جيڪي ھن موجودہ دنيا ۾ دولتمند آھن، تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين ۽ بي⁠بقا دولت تي نہ، بلڪ انھيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


ڇالاءِ⁠جو ديماس ھن دنيا تي موھت ٿي ڪري مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿسلونيڪا ڏانھن ھليو ويو. ڪريسڪينس گلتيا ڏانھن ۽ طيطس دلمتيا ڏانھن ھليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ