Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:19 - Common Language New Testament

19 اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 جڏهن ڪو انهيءَ بادشاهت جو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ سمجهي نٿو، تڏهن شيطان اچي جيڪي اُنهيءَ جي دل ۾ پوکيل آهي سو ڪڍي ٿو وڃي. هي اُهو آهي جو گس تي پوکيو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 اهي جيڪي آڪاش جي راڄ جو سنديش ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اهي جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ جو پيغام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:19
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جيڪڏھن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجھس ڦيٽھڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاھت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟


ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا.


۽ ٻني ھيءَ دنيا آھي. سٺو ٻج اھي ماڻھو آھن جيڪي بادشاھت سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا.


عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“


ڪنھن وقت ڪلام رستي تي ڪري ٿو، يعني اھي ماڻھو جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اھي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انھن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.


جيڪي ان شھر ۾ بيمار ھجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻھن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘


پوءِ انھن کي موڪليائين تہ ”وڃي خدا جي بادشاھت جي منادي ڪريو ۽ بيمارن کي شفا ڏيو.“


تنھن تي پلاطس پڇيس تہ ”سچ ڇا آھي؟“ پوءِ پلاطس ٻاھر نڪري يھودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.


اوھين منھنجو ڳالھائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اھو انھيءَ لاءِ تہ اوھين منھنجي ڪلام کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.


جڏھن انھن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين پوءِ بہ اوھان کان ھن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌنداسين.“


پر جڏھن تہ ھي اھڙا سوال آھن جن جو واسطو لفظن، نالن ۽ خاص اوھان جي شريعت سان آھي تہ پوءِ توھين ڄاڻو، توھان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اھڙين ڳالھين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاھيان.“


ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ اوھين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪئي آھي، تن مان ڪوبہ وري منھنجو منھن ڪين ڏسندو.


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي.


پر جيڪي خود⁠غرض آھن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قھر نازل ٿيندو.


جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،


انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.


تنھنڪري جيڪي ڳالھيون اسان ٻڌيون آھن، تن تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان لڙھي انھن کان پري نڪري نہ وڃون.


اوھين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جو ھو ۽ پنھنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. ھن پنھنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ قابيل جا ڪم بڇڙا ھئا پر سندس ڀاءُ جا ڪم نيڪ ھئا.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن کي پنھنجو ٻار بڻايو آھي، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند سندس حفاظت ڪري ٿو ۽ شيطان کيس ھٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.


اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ