Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:34 - Common Language New Testament

34 اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِ⁠جو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:34
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھڪ نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالھيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون ڳالھيون ڪڍي ٿو.


پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون،


اي نانگو ۽ نانگن جا ٻچؤ! اوھين جھنم جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


تڏھن ماڻھن جا جيڪي ميڙ کانئس بپتسما وٺڻ آيا پئي، تن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪو چڱو آھي سو ئي ڪڍي ٿو ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آھي سو ئي ڪڍي ٿو. ڇاڪاڻ⁠تہ ’دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.‘“


اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


اوھان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالھہ نہ نڪري. پر اھڙي ڳالھہ نڪري جيڪا ضرورت مطابق ٻين جي سڌاري جو سبب بڻجي تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انھيءَ مان برڪت حاصل ٿئي.


بي⁠شرمي، اجائي بڪ بڪ ۽ گندي چرچي بازي نہ ھئڻ کپي. اھي نالائقيءَ جھڙيون ڳالھيون آھن، پر اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.


اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪير خدا جا ۽ ڪير شيطان جا ٻار آھن، ڇالاءِ⁠جو جيڪو سچائي نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آھي ۽ نڪي اھو جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ