Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:27 - Common Language New Testament

27 پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پتا کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:27
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.


”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘


دنيا مان جيڪي ماڻھو تو مون کي ڏنا ھئا، تن تي مون تو کي ظاھر ڪيو آھي. اھي تنھنجا ھئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا آھن. انھن تنھنجي ڪلام تي عمل ڪيو آھي.


پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.


ان جي معنيٰ اھا نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ پيءُ کي ڏٺو آھي، پر رڳو انھيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آھي، جيڪو خدا جي طرفان آيو آھي.


مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“


ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن.


جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي.


جيڪو مسيح جي تعليم کان اڳتي وڌي وڃي ٿو، تنھن وٽ خدا موجود نہ آھي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رھي ٿو، تنھن وٽ پيءُ ۽ فرزند ٻئي موجود آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ