Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:21 - Common Language New Testament

21 ”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:21
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اوھين صور ۽ صيدا کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.


پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شھرن جي علائقي ڏانھن ويو.


ھن دنيا کي حيف آھي، جنھن جون شيون ماڻھن کي گمراھہ ٿيون ڪن. گمراھي تہ ضرور ٿيندي پر مصيبت آھي اُن ماڻھوءَ لاءِ جنھن جي وسيلي گمراھي ٿئي ٿي.


ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“


يروشلم، ادوم ۽ اردن درياء جي اڀرندي پاسي کان، صور ۽ صيدا جي آس⁠پاس کان بہ ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ٻڌو ھو تہ ھو عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر بيت⁠صيدا شھر ڏانھن وڃو.“ ھن ماڻھن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي.


پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو.


ھاڻي عيسيٰ صور جي حدن مان نڪري صيدا مان لنگھي، دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل جي ڍنڍ تي آيو.


پوءِ ھو بيت⁠صيدا ۾ آيا، جتي ڪي ماڻھو ھڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”ھن کي ھٿ لايو.“


پر الياس نبيءَ کي پنھنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انھن مان ڪنھن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارفت شھر ۾ رھندڙ ھڪ رن⁠زال وٽ ئي موڪليو ويو.


عيسيٰ ھنن سان گڏ جبل تان ھيٺ لھي ھڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ سڄي يھوديہ، يروشلم، صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري کان گھڻا ماڻھو اچي مڙيا.


رسول جڏھن موٽي آيا، تڏھن عيسيٰ کي سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي ڪيو ھئائون. عيسيٰ انھن کي پاڻ سان گڏ بيت⁠صيدا نالي شھر ڏانھن نويڪلو وٺي ويو.


فلپس بيت⁠صيدا شھر جو ويٺل ھو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رھندا ھئا.


اھي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شھر بيت⁠صيدا جو ويٺل ھو ۽ چيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ کي ڏسڻ چاھيون ٿا.“


ھيروديس بادشاھہ صور ۽ صيدا جي ماڻھن تي ڏاڍو ڪاوڙيل ھو. پر جيئن تہ ھنن کي بادشاھہ جي ملڪ مان سيڌو سامان ملندو ھو، تنھنڪري اھي ٽولو ٺاھي ساڻس ملڻ آيا. ان لاءِ پھريائين ھنن بلاسطس کي پنھنجي پاسي ڪيو، جيڪو بادشاھہ جي محلات جو دربان ھو. پوءِ ھيروديس کي عرض ڪيائون تہ ”اسان سان پرچاءُ ڪريو.“


ٻئي ڏينھن تي اسين صيدا ۾ پھتاسين. اتي يوليس پولس تي اھا مھرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ ھو ڀلي پنھنجن دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انھن کان وٺي.


افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.


آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“


جڏھن گھيٽي ڇھين مُھر ٽوڙي تڏھن مون ڏٺو تہ ھڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج ڏاس جي کٿي جھڙو ڪارو ٿي پيو ۽ سڄو چنڊ رت جھڙو ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ