Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:13 - Common Language New Testament

13 ڇالاءِ⁠جو سڀني نبين ۽ توريت اھا ڳالھہ يحيٰ جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو سڀني نبين ۽ توريت يوحنا تائين نبوت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اها ڳالهہ موسيٰ جي شاستر توڙي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاسترن ۾ يوحنا جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اها ڳالهہ توريت توڙي سڀني نبين جي لکتن ۾ يحيٰ جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وٺي ھن وقت تائين آسمان واري بادشاھت تي ڏاڍائي پئي ٿي آھي ۽ ڏاڍا ماڻھو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائين ٿا.


جيڪڏھن اوھين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو ھو سو ھي يحيٰ اٿوَ.


پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


پر يروشلم جي رھاڪن ۽ سندن اڳواڻن انھيءَ کي نہ سڃاتو ۽ نڪي ھنن نبين جي ڪلام کي سمجھيو، جيڪو ھر سبت جي ڏينھن تي پڙھيو ويندو آھي. پر اٽلندو عيسيٰ تي فتويٰ جاري ڪري ھنن نبين جي چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪيو.


ھاڻي اھو ظاھر ٿي چڪو آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. شريعت جو ان سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي شريعت ۽ نبي ڏين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ