Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:7 - Common Language New Testament

7 جتان جتان لنگھو تہ اھو اعلان ڪندا وڃجو تہ ’آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ ويندي ويندي اها منادي ڪريو، تہ آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اوهين جتي جتي وڃو تہ اتي اهو اعلان ڪجو تہ ’آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهين جتي جتي وڃو تہ اتي اهو اعلان ڪجو تہ ’آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.


جڏھن عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو اتان روانو ٿي ويو، تہ جيئن ويجھن شھرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري.


ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ھنن ٻنھي مان ڪنھن پنھنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اوھان کان اڳي اھي ڪسبياڻيون ۽ محصول اڳاڙيندڙ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاھت اوھان کان کسي ويندي ۽ انھيءَ قوم کي ڏني ويندي جيڪا پورو پورو ميوو اُپائيندي.


”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“


سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“


پوءِ اھي روانا ٿي ويا ۽ ماڻھن ۾ وڃي تبليغ ڪيائون تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو.“


”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي.


پوءِ انھن کي موڪليائين تہ ”وڃي خدا جي بادشاھت جي منادي ڪريو ۽ بيمارن کي شفا ڏيو.“


اھي شاگرد روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ مان لنگھندي خوشخبري ٻڌائيندا ۽ ھر ھنڌ ماڻھن کي شفا ڏيندا ويا.


تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻھن کي خدا جي بادشاھت جي خبر ٻڌاءِ.“


ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“


جڏھن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سجدو ڪيائينس.


ھو ڪنھن بہ رنڊڪ کان سواءِ ڏاڍيءَ ھمت سان خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪندو ھو ۽ خداوند عيسيٰ مسيح بابت تعليم ڏيندو ھو.


اھي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇالاءِ⁠جو ھنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻھن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ