Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:41 - Common Language New Testament

41 جيڪو نبيءَ کي خدا جو نبي سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نبيءَ جيترو اجر ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نيڪ جيترو اجر ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 جيڪو ڪنهن نبيءَ کي نبي ڄاڻي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نبيءَ جو اجر ملندو، ۽ جيڪو ڪنهن راستباز کي راستباز ڄاڻي قبول ٿو ڪري، تنهن کي راستباز جو اجر ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت کي ايشور جو سنت سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي سنت جيترو لاڀ ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نيڪ جيترو لاڀ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 جيڪو نبيءَ کي خدا جو نبي سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نبيءَ جيترو اجر ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نيڪ جيترو اجر ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:41
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


پوءِ اھي بہ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان تنھنجي مدد نہ ڪئي؟‘


تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو.


”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ اوھان کي پنھنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو.


تہ جيئن ماڻھو نہ، بلڪ اوھان جو پيءُ جو ڳُجھہ ۾ آھي سو اوھان کي روزيدار سمجھي. ان طرح اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي اجر ڏيندو.“


تہ جيئن اوھان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رھي ۽ اوھان جو پيءُ جو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏئي.“


پر جڏھن اوھين دعا گھرو تہ پنھنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنھنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آھي. اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏيندو.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي، تنھن کان لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.


سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.


منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن.


سو جيڪڏھن آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان ائين ڪريان تہ انھيءَ جو اجورو مون کي ملندو. پر جيئن تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ٿو ڪريان، تہ پوءِ ڄڻ تہ اھا ھڪ ذميواري آھي جا مون کي سونپي ويئي آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.


خبردار، اوھان جيڪي ڪم ڪيا آھن سي متان برباد ڪري ڇڏيو، بلڪ اوھان کي پورو پورو اجر ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ