Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:40 - Common Language New Testament

40 ”جيڪو اوھان کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ ان کي قبول ڪري ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري، جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 ”جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ايشور کي قبول ڪري ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 ”جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ڪري ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:40
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪوبہ اھڙن ٻارن کي منھنجي ڪري قبول ٿو ڪري تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو.“


بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘


تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو.


”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“


عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“


پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“


تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“


تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.


تنھنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آھيون، ڄڻ تہ خدا اسان جي وسيلي گھُر ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوھان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا سان صلح ڪريو.


جيتوڻيڪ منھنجي جسماني حالت اوھان لاءِ ھڪ آزمائش ھئي تڏھن بہ اوھان مون کي نہ ڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوھان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر قبول ڪيو.


تنھنڪري جيڪو ھيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻھوءَ کي نہ بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوھان کي پنھنجو پاڪ روح ڏئي ٿو.


جيڪو مسيح جي تعليم کان اڳتي وڌي وڃي ٿو، تنھن وٽ خدا موجود نہ آھي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رھي ٿو، تنھن وٽ پيءُ ۽ فرزند ٻئي موجود آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ