Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:25 - Common Language New Testament

25 شاگرد لاءِ اھو سٺو آھي تہ ھو پنھنجي استاد سان ھر حال ۾ شامل رھي ۽ غلام لاءِ تہ پنھنجي مالڪ سان. جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي ئي بعل⁠زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ايترو بس آهي تہ شاگرد پنهنجي اُستاد جهڙو ٿئي، ۽ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ جهڙو. جيڪڏهن هنن گهر جي ڌڻيءَ کي بعلزبول ڪري سڏيو آهي، تہ سندس گهر جي ڀاتين کي ڪيترو نہ زيادہ ڪري سڏيندا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 چيلي لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي گروءَ سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 شاگرد لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي استاد سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“


جيڪڏھن آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍن؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا.


پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻھن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“


انھن چيو تہ ”ھائو ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين بہ اھو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي ۽ اوھين بہ اھا بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آھي.


ڪي شريعت جا عالم جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، تن پئي چيو تہ ”عيسيٰ ۾ بعل⁠زبول آھي ۽ انھيءَ ڀوتن جي سردار جي مدد سان ئي ھو ڀوتن کي ماڻھن مان ڪڍي ٿو.“


پر انھن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.“


سو جيڪڏھن شيطان جي بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي تہ اھا ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ اوھين چئو ٿا تہ آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان.


جيڪڏھن آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ ڀلا اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍين؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا.


انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“


تنھن تي ماڻھن چيو تہ ”تو ۾ ڀوت آھي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو؟“


سو انھن يھودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رھيا ھئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آھين ۽ تو ۾ ڀوت آھي؟“


انھن يھودين کيس چيو تہ ”ھاڻي اسان کي خبر پئي تہ تو ۾ ڀوت آھي. ابراھيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ