Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:23 - Common Language New Testament

23 جڏھن اُھي اوھان کي ڪنھن شھر ۾ ستائين تہ اوھين ھڪدم ٻئي شھر ڏانھن ھليا وڃجو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين سڄي اسرائيل جي شھرن ۾ پنھنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابن⁠آدم اچي پھچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 پر جڏهن اوهان کي هڪڙي شهر ۾ ستائين تڏهن ڀڄي ٻئي ۾ وڃجو. ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين اڃا اسرائيل جي شهرن مان گهمي بس نہ ڪندا تہ ابن آدم ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ منش‌پتر اچي پهچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابنِ آدم اچي پهچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:23
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


جڏھن اُھي ھليا ويا تہ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانھن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رھجانءِ، ڇوتہ ھيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ انھن سڀني جو خون ھن زماني جي ماڻھن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“


ڇالاءِ⁠جو ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ ان کنوڻ وانگر ٿيندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولھہ تائين چمڪندي آھي.


پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اِھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي.


پر جيڪڏھن اھو نوڪر بڇڙو ھجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،


تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“


عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“


جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو.


پوءِ ابن⁠آدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو.


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏھن ابن⁠آدم ايندو تڏھن الائجي ماڻھن ۾ ايمان ڏسندو يا نہ؟“


پوءِ ھو ابن⁠آدم کي وڏي قوت ۽ جلوي سان ھڪڙي ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.


ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.


پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا.


جلد ئي ڀائرن پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. پر سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رھي پيا.


ھنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني شاگردن کي گڏ ڪيو ۽ کين نصيحت ڪرڻ کان پوءِ کانئن موڪلايائين. پوءِ ھو اتان روانو ٿي مڪدونيا ڏانھن ھليو ويو.


انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ