Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:22 - Common Language New Testament

22 منھنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوھان کي ڌڪاريندو، پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ منهنجي نالي ڪري سڀئي ماڻهو اوهان سان عداوت ڪندا، پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:22
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اُھا وڃائيندو ۽ جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو سو اُھا حاصل ڪندو.“


پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو، اھو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.


پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.


سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بي⁠عزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن،


منھنجي نالي جي ڪري ھر ڪو اوھان کان نفرت ڪندو. پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.“


منھنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.


پنھنجي صبر سان ئي اوھين پنھنجي جان بچائيندا.“


سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اھي ماڻھو آھن جي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ سالم دماغ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ صبر سان ڦر جھلين ٿا.“


مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.


دنيا اوھان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اھا مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ کيس ٻڌائيندو رھيو آھيان تہ سندس ڪم بڇڙا آھن.


آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


ڇالاءِ⁠جو اسين ھميشہ عيسيٰ جي خاطر جيئري ئي موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاھر ٿئي.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ھمت نہ ھارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاھينداسين.


ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.


اسان جي خواھش آھي تہ اوھان مان ھر ڪو پنھنجيءَ اميد کي يقيني بنائڻ لاءِ پڇاڙيءَ تائين ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو رھي.


سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.


منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن دنيا اوھان سان دشمني ٿي ڪري تہ عجب نہ کائو.


جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“


جيڪو غالب پوندو ۽ منھنجي مرضيءَ مطابق توڙ نڀائيندو، تنھن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس،


منھنجي نالي جي ڪري اوھين سختيون سھندي سھندي بہ ڪين ٿڪيا آھيو، بلڪ بردباريءَ سان ھلندا ٿا رھو.


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيا کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ زندگيءَ جي انھيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو بھشت ۾ آھي.“


جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندس، جھڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنھنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ