Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:18 - Common Language New Testament

18 اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هائو، ۽ منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان وٺي ويندا، انهي لاءِ تہ سندن لاءِ، ۽ غير قومن لاءِ شاهدي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 اوهان کي منهنجي ڪري حاڪمن ۽ راجائن اڳيان پيش ڪيو ويندو. تڏهن اوهين انهن کي توڙي ٻين غير قوم وارن کي بہ آڪاش جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اوهان کي منهنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاهن اڳيان پيش ڪيو ويندو. تڏهن اوهين انهن کي توڙي ٻين غير قوم وارن کي بہ آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انھن ماڻھن کان ھوشيار ٿجو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪندا ۽ پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ اوھان کي چھبڪ ھڻندا.


پر جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪرائين تڏھن اھا ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڪھڙو جواب ڏيڻو آھي. جيڪي اوھان کي چوڻو ھوندو سو انھيءَ مھل پاڻھي اوھان کي ٻڌايو ويندو،


پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“


سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. اوھان کي پنھنجي ھوشياري ڪرڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ مارڪُٽ ڪئي ويندي. منھنجي ڪري اوھان کي حاڪمن ۽ بادشاھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اھا ڀل تہ انھن تي شاھدي ٿئي. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي.


تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.


آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


جڏھن اُھي پنھنجي شاھدي پوري ڪندا، تڏھن ھڪڙو حيوان اوڙاھہ مان نڪرندو، جيڪو ساڻن وڙھندو ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجھندو.


جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ