Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:1 - Common Language New Testament

1 عيسيٰ پنھنجي ٻارھن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي گڏ ڪيو ۽ کين اختياري ڏنائين تہ ڀوتن کي ڪڍين ۽ ھر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هن پنهنجي ٻارهن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي کين هيءَ اختياري ڏني، تہ ڀوتن کي ڪڍن، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي مرض ۽ بيماريءَ کان شفا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1-2 يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1-2 عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي رسول مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:1
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڳئين جھان ۾ جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان تخت تي ويھندو، تہ اوھين منھنجا ٻارھن پوئلڳ بہ ٻارھن تختن تي ويھندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو.


اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو.


عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


پوءِ عيسيٰ چوطرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمندو رھيو. اُتي ھو سندن عبادت⁠خانن ۾ ماڻھن کي تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ھر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رھيو.


تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو ڏياري موڪلي.“


ڏسو، مون اوھان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آھي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوھان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.


ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪي⁠بہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا.


ڏسو، آءٌ اوھان تي اھو موڪلڻ وارو آھيان، جنھن جو منھنجي پيءُ واعدو ڪيو آھي. پر جيستائين اوھان کي مٿان طاقت نہ عطا ٿئي تيستائين شھر ۾ رھجو.“


جڏھن ڏينھن ٿيو تہ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انھن مان ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين:


ڇالاءِ⁠جو تو کيس سڀني ماڻھن تي اختيار ڏنو آھي تہ ھو انھن کي دائمي زندگي بخشي جيڪي تو کيس ڏنا آھن.


تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.


پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.


عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“


پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“


تنھن تي ڀوت وراڻين تہ ”عيسيٰ کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوھين ڪير آھيو؟“


پوءِ آسمان ۾ ھڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني ھڪ عورت نظر آئي، جيڪا سج سان ڍڪيل ھئي ۽ چنڊ انھيءَ جي پيرن ھيٺان ھو، ٻارھن تارن جو تاج سندس مٿي تي رکيل ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ