Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:21 - Common Language New Testament

21 ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ هن کي پٽ ڄمندو ۽ انهي جو نالو يسوع رکج. ڇالاءِ جو هو اُهو ئي آهي جو پنهنجي اُمت کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يسوع رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي قوم کي سندن پاپن کان مڪتي ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجيءَ قوم کي سندن گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:21
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس ھٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.


پر خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي ذڪريا! خوف نہ ڪر، تنھنجي دعا قبول پئي آھي. تنھنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنھن جو نالو يحيٰ رکج.


تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ، جنھن جو نالو عيسيٰ رکج.


ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي.


اٺن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھن جي سنت ڪرڻ جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو ھن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو ھو.


ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.


پوءِ اھي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”ھاڻي اسان تنھنجي چوڻ تي ئي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ ھيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.“


جيئن خدا واعدو ڪيو ھو تيئن ئي ھن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل وٽ ھڪڙي ڇوٽڪاري ڏيندڙ يعني عيسيٰ کي موڪليو.


انھيءَ ڪري خدا پنھنجي ٻانھي کي چونڊي پھريائين اوھان ڏانھن موڪليو تہ ھو اوھان کي اھا برڪت ڏئي جو اوھين سڀيئي بڇڙاين کان منھن موڙيو.“


ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.


پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منھنجا سائين! توھان ئي ڄاڻو ٿا.“ ھن مون کي چيو تہ ”ھي اُھي آھن جيڪي وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آھن. انھن پنھنجا پھراڻ ڌوتا ۽ گھيٽي جي رت ۾ پاڪ صاف ڪيا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ