Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:48 - Common Language New Testament

48 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 ۽ هنن کي چيائين، تہ جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو مون کي قبول ڪندو، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان سڀني ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن ايشور کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن خدا کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

48 ऐं चेलन खे चयईं, “जेको बी मुंजे नाले सां हेड़े बा॒रन मां कें हिकअ जो बी स्वागत तो करे उहो मुंजो स्वागत तो करे; ऐं जेको बी मुंजो स्वागत तो करे उहो खाली मुंजो न परअ उहो हुन जो बी स्वागत तो करे जैं मुखे मोकल्यो आहे, छोके जेको तवां मां पांजे पाण खे नंढे मां नंढो कंदो उहो ही वडो॒ आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:48
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا.


ساڳيءَ طرح اوھان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاھي تہ ھنن ننڍڙن مان ڪو ھڪڙو بہ گمراھہ ٿي وڃي.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڳئين جھان ۾ جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان تخت تي ويھندو، تہ اوھين منھنجا ٻارھن پوئلڳ بہ ٻارھن تختن تي ويھندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘


تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو.


”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“


عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“


ڇالاءِ⁠جو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ٿيندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


پر ھي اوھان سان لاڳو نہ آھي. اوھان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي نوڪر وانگر ٿيڻ کپي.


اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، انھن ۾ يحيٰ کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ خدا جي بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“


جنھن کي منھنجي حڪمن جي خبر آھي ۽ ھو انھن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنھن سان منھنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انھيءَ سان پيار ڪندس ۽ مٿس پاڻ ظاھر ڪندس.“


تنھنڪري جيڪو ھيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻھوءَ کي نہ بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوھان کي پنھنجو پاڪ روح ڏئي ٿو.


تنھنڪري خدا جي قدرت واري ھٿ ھيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري.


انھيءَ شھر جي ڀت جا ٻارھن بنياد ھئا، جن تي گھيٽي جي ٻارھن رسولن جا نالا لکيل ھئا.


جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندس، جھڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنھنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ